Home  /  Quran  /  Surah
Loading...
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَـٰنِ ٱلرَّحِيمِ

Surah Al-Fath

Surah Al-Fath (The Victory) is Surah 48 of the Holy Quran, a Medinan Surah with 29 verses, available here in Sindhi.

Surah 48 Medinan 29 verses Sindhi

Verse 48:1

اِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِیْنًا ۟ۙ

ʹInnaa fataḥnaa laka Fatḥam Mubeenaa,

(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني.

Verse 48:2

لِّیَغْفِرَ لَكَ اللّٰهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْۢبِكَ وَمَا تَاَخَّرَ وَیُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَیْكَ وَیَهْدِیَكَ صِرَاطًا مُّسْتَقِیْمًا ۟ۙ

Liyag̣fira lakal laahu maa- taq̣addama miñ ẓambika wa-maa taʹakhkhara wa-yutimma niʻmatahoo ʻalayka wa-yahdiyaka Ṣiraaṭam Mustaq̣eemaa,

ته تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوءِ تي رھيا سي (سڀ) الله توکي معاف ڪري ۽ توتي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توکي سِڌي واٽ ڏيکاري.

Verse 48:3

وَّیَنْصُرَكَ اللّٰهُ نَصْرًا عَزِیْزًا ۟

Wa-yañṣurakal laahu Naṣran ʻAzeezaa.

۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.

Verse 48:4

هُوَ الَّذِیْۤ اَنْزَلَ السَّكِیْنَةَ فِیْ قُلُوْبِ الْمُؤْمِنِیْنَ لِیَزْدَادُوْۤا اِیْمَانًا مَّعَ اِیْمَانِهِمْ ؕ وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ؕ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِیْمًا حَكِیْمًا ۟ۙ

Huwal laẓee ʹañzalas Sakeenata fee q̣uloobil Muʹmineena liyazdaadooo ʹeemaanam maʻa ʹeemaanihim: wa-lillaahi Junoodus samaawaati wal-ʹarḍ; wa-kaanal laahu ʻAleeman Ḥakeemaa,

(الله) اُھو آھي جنھن مؤمنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته (انھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

Verse 48:5

لِّیُدْخِلَ الْمُؤْمِنِیْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا وَیُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَیِّاٰتِهِمْ ؕ وَكَانَ ذٰلِكَ عِنْدَ اللّٰهِ فَوْزًا عَظِیْمًا ۟ۙ

Liyudkhilal Muʹmineena wal-Muʹminaati Jannaatiñ tajree miñ taḥtihal ʹanhaaru khaalideena feehaa wa-yukaffira ʻanhum sayyiʹaatihim;― wakaana ẓaalika ʻiñdal laahi fawzan ʻaz̤̣eemaa,―

ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو، ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي.

Verse 48:6

وَّیُعَذِّبَ الْمُنٰفِقِیْنَ وَالْمُنٰفِقٰتِ وَالْمُشْرِكِیْنَ وَالْمُشْرِكٰتِ الظَّآنِّیْنَ بِاللّٰهِ ظَنَّ السَّوْءِ ؕ عَلَیْهِمْ دَآىِٕرَةُ السَّوْءِ ۚ وَغَضِبَ اللّٰهُ عَلَیْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَاَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ؕ وَسَآءَتْ مَصِیْرًا ۟

Wa-yuʻaẓẓibal Munaafiq̣eena wal-Munaafiq̣aati wal-Mushrikeena wal-Mushrikaatiz̤̣ z̤̣aaanneena billaahi z̤̣annas sawʹ. ʻAlayhim daaaʹiratus sawʹ: wa-g̣aḍibal laahu ʻalayhim wa-laʻanahum wa-ʹaʻadda lahum Jahannam; wa-saaaʹat maṣeeraa.

۽ (ته) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله تي تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، بڇڙي مصيبت مٿن ھجي شال، ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين، ۽ اُھو بڇڙو ھنڌ آھي.

Verse 48:7

وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ؕ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِیْزًا حَكِیْمًا ۟

Wa-lillaahi Junoodus samaawaati wal-ʹarḍ: wa-kaanal laahu ʻAzeezan Ḥakeemaa.

۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

Verse 48:8

اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّمُبَشِّرًا وَّنَذِیْرًا ۟ۙ

ʹInnaaa ʹarsalnaaka Shaahidañw Wa-Mubashshirañw Wa-Naẓeeraa:

بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.

Verse 48:9

لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُعَزِّرُوْهُ وَتُوَقِّرُوْهُ ؕ وَتُسَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّاَصِیْلًا ۟

Lituʹminoo billaahi wa-Rasoolihee wa-tuʹazziroohu wa-tuwaq̣q̣irooh, wa-tusabbiḥoohu bukratañw waʹaṣeelaa.

ته اوھين الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪريو ۽ سندس عِزّت ڪريو، ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھيو.

Verse 48:10

اِنَّ الَّذِیْنَ یُبَایِعُوْنَكَ اِنَّمَا یُبَایِعُوْنَ اللّٰهَ ؕ یَدُ اللّٰهِ فَوْقَ اَیْدِیْهِمْ ۚ فَمَنْ نَّكَثَ فَاِنَّمَا یَنْكُثُ عَلٰی نَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَوْفٰی بِمَا عٰهَدَ عَلَیْهُ اللّٰهَ فَسَیُؤْتِیْهِ اَجْرًا عَظِیْمًا ۟۠

ʹInnal laẓeena yubaayiʻoonaka ʹinnamaa yubaayiʻoonal laah: Yadul laahi fawq̣a ʹaydeehim: faman nakas̤a faʹinnamaa yañkus̤u ʻalaa nafsih; wa-man ʹawfaa bimaa ʻaahada ʻalayhul laaha fasayuʹteehi ʹajran ʻaz̤̣eemaa.

بيشڪ جيڪي توسان بيعت ڪندا آھن سي الله ئي سان بيعت ڪندا آھن، سندن ھٿن مٿان الله جو ھٿ آھي، پوءِ جيڪو (انجام) ڀڃندو سو رڳو پنھنجي ڇيئي لاءِ ٿو ڀڃي، ۽ جنھن (ڳالھ) تي الله سان انجام ڪيو اٿس تنھنکي جيڪو پورو ڪندو پوءِ سگھو تنھن کي (الله) وڏو اجر ڏيندو.

Verse 48:11

سَیَقُوْلُ لَكَ الْمُخَلَّفُوْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ شَغَلَتْنَاۤ اَمْوَالُنَا وَاَهْلُوْنَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا ۚ یَقُوْلُوْنَ بِاَلْسِنَتِهِمْ مَّا لَیْسَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ ؕ قُلْ فَمَنْ یَّمْلِكُ لَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَیْـًٔا اِنْ اَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا ؕ بَلْ كَانَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِیْرًا ۟

Sayaq̣oolu lakal mukhal-lafoona minal ʹAʻraabi shag̣alatnaaa ʹamwaalunaa wa-ʹahloonaa fastag̣fir lanaa. Yaq̣ooloona biʹalsinatihim maa laysa fee q̣uloobihim. Q̣ul famañy yamliku lakum minal laahi shayʹan ʹin ʹaraada bikum ḍarran ʹaw ʹaraada bikum nafʻaa? Bal kaanal laahu bimaa taʻmaloona khabeeraa.

(اي پيغمبر) ٻھراڙيءَ وارن مان پوءِ تي رھيل توکي چوندا ته اسان کي پنھنجن مالن ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين رُجھايو تنھنڪري اسان لاءِ بخشش گھر، پنھنجين زبانن سان اھا (ڳالھ) چوندا آھن جا اُنھن جي دلين ۾ نه آھي، (کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله) اوھان کي ڏک پھچائڻ جو ارادو ڪري يا اوھان کي سُک پھچائڻ جو ارادو ڪري ته الله جي سامھون اوھان لاءِ ڪير ڪجھ ڪري سگھي ٿو، بلڪ جيڪي ڪجھ ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

Verse 48:12

بَلْ ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ یَّنْقَلِبَ الرَّسُوْلُ وَالْمُؤْمِنُوْنَ اِلٰۤی اَهْلِیْهِمْ اَبَدًا وَّزُیِّنَ ذٰلِكَ فِیْ قُلُوْبِكُمْ وَظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ ۖۚ وَكُنْتُمْ قَوْمًا بُوْرًا ۟

Bal z̤̣anañtum ʹal lañy yañq̣alibar Rasoolu wal-Muʹminoona ʹilaaa ʹahleehim ʹabadañw wa-zuyyina ẓaalika fee q̣uloobikum wa-z̤̣anañtum z̤̣annas sawʹi wa-kuñtum q̣awmam booraa.

بلڪ ڀانيوَ ته پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھرن ڏانھن اصلي ڪڏھن نه موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ.

Verse 48:13

وَمَنْ لَّمْ یُؤْمِنْ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ فَاِنَّاۤ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِیْنَ سَعِیْرًا ۟

Wa-mal lam yuʹmim billaahi wa-Rasoolihee faʹinnaaa ʹaʻtadnaa lilkaafireena Saʻeeraa!

۽ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان نه آندو ته بيشڪ اسان انھن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.

Verse 48:14

وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ؕ یَغْفِرُ لِمَنْ یَّشَآءُ وَیُعَذِّبُ مَنْ یَّشَآءُ ؕ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا ۟

Wa-lillaahi Mulkus samaawaati wal-ʹarḍ: yag̣firu limañy yashaaaʹu wa-yuʻaẓẓibu mañy yashaaaʹ: wa-kaanal laahu G̣afoorar Raḥeemaa.

۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

Verse 48:15

سَیَقُوْلُ الْمُخَلَّفُوْنَ اِذَا انْطَلَقْتُمْ اِلٰی مَغَانِمَ لِتَاْخُذُوْهَا ذَرُوْنَا نَتَّبِعْكُمْ ۚ یُرِیْدُوْنَ اَنْ یُّبَدِّلُوْا كَلٰمَ اللّٰهِ ؕ قُلْ لَّنْ تَتَّبِعُوْنَا كَذٰلِكُمْ قَالَ اللّٰهُ مِنْ قَبْلُ ۚ فَسَیَقُوْلُوْنَ بَلْ تَحْسُدُوْنَنَا ؕ بَلْ كَانُوْا لَا یَفْقَهُوْنَ اِلَّا قَلِیْلًا ۟

Sayaq̣oolul mukhallafoona ʹiẓañ ṭalaq̣tum ʹilaa mag̣aanima litaʹkhuẓoohaa ẓaroonaa nattabiʻkum: yureedoona ʹañy yubaddiloo Kalaamal laah. Q̣ul lañ tattabiʻoonaa kaẓaalikum q̣aalal laahu miñ q̣abl: fasayaq̣ooloona bal taḥsudoonanaa. Bal kaanoo laa- yafq̣ahoona ʹillaa q̣aleelaa.

جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ تڏھن پوءِ تي رھيل چوندا اسان کي ڇڏيو ته اوھان سان ھلون، گھرندا آھن ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، (کين) چؤ ته اسان سان ڪڏھن نه ھلندؤ اھڙي طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا ته بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشه) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ به) نه سمجھندا ھوا.

Verse 48:16

قُلْ لِّلْمُخَلَّفِیْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ سَتُدْعَوْنَ اِلٰی قَوْمٍ اُولِیْ بَاْسٍ شَدِیْدٍ تُقَاتِلُوْنَهُمْ اَوْ یُسْلِمُوْنَ ۚ فَاِنْ تُطِیْعُوْا یُؤْتِكُمُ اللّٰهُ اَجْرًا حَسَنًا ۚ وَاِنْ تَتَوَلَّوْا كَمَا تَوَلَّیْتُمْ مِّنْ قَبْلُ یُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِیْمًا ۟

Q̣ul lilmukhallafeena minal ʹAʻraabi satudʻawna ʹilaa q̣awmin ʹulee baʹsiñ shadeediñ tuq̣aatiloonahum ʹaw yuslimoon. Faʹiñ tuṭeeʻoo yuʹtikumul laahu ʹajran ḥasanaa: wa-ʹiñ tatawallaw kamaa tawallaytum miñ q̣ablu yuʻaẓẓibkum ʻaẓaaban ʹaleemaa.

(اي پيغمبر) پوءِ تي رھيلن ٻھراڙي وارن کي چؤ ته سخت ويڙھ واريءَ قوم (جي جنگ) ڏانھن (اوھين) سگھو سڏيا ويندؤ جو ساڻن ويڙھ ڪندؤ يا ته (اُھي) مُسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏھن چيو مڃيندؤ ته الله اوھان کي چڱو اجر ڏيندو، ۽ جيڪڏھن (ائين) ڦرندؤ جيئن (اوھين) ھن کان اڳ ڦريا ھئو ته (الله) اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.

Verse 48:17

لَیْسَ عَلَی الْاَعْمٰی حَرَجٌ وَّلَا عَلَی الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّلَا عَلَی الْمَرِیْضِ حَرَجٌ ؕ وَمَنْ یُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ یُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۚ وَمَنْ یَّتَوَلَّ یُعَذِّبْهُ عَذَابًا اَلِیْمًا ۟۠

Laysa ʻalal ʹaʻmaa ḥarajuñw walaa ʻalal ʹaʻraji ḥarajuñw walaa ʻalal mareeḍi haraj. Wa-mañy yuṭiʻil laaha wa-Rasoolahoo yudkhilhu Jannaatiñ tajree miñ taḥtihal ʹanhaar; wa-mañy yatawalla yuʻaẓẓibhu ʻaẓaaban ʹaleemaa.

(جھاد جي رھڻ کان) نڪي انڌي تي ڪو گناھ آھي، ۽ نڪي مندي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي بيمار تي ڪو گناھ آھي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، ۽ جيڪو ڦرندو تنھنکي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.

Verse 48:18

لَقَدْ رَضِیَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِیْنَ اِذْ یُبَایِعُوْنَكَ تَحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِیْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِیْنَةَ عَلَیْهِمْ وَاَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِیْبًا ۟ۙ

Laq̣ad raḍiyal laahu ʻanil Muʹmineena ʹiẓ yubaayiʻoonaka taḥtash Shajarati faʻalima maa- q̣uloobihim fee faʹañzalas Sakeenata ʻalayhim wa-ʹas̤aabahum Fat-ḥañ q̣areebaa;

بيشڪ الله مؤمنن کان راضي ٿيو جنھن وقت وڻ ھيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون پوءِ جيڪي سندين دلين ۾ ھو سو ڄاتائين پوءِ مٿن (دل جو) آرام لاٿائين ۽ کين ھڪ ويجھي سوڀ انعام ڏنائين.

Verse 48:19

وَّمَغَانِمَ كَثِیْرَةً یَّاْخُذُوْنَهَا ؕ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِیْزًا حَكِیْمًا ۟

Wa-mag̣aanima kas̤eeratañy yaʹkhuẓoonahaa: wa-kaanal laahu ʻAzeezan Ḥakeemaa.

۽ گھڻيون غنيمتون (به) جو اُنھن کي (اُھي) ھٿ آڻيندا، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

Verse 48:20

وَعَدَكُمُ اللّٰهُ مَغَانِمَ كَثِیْرَةً تَاْخُذُوْنَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هٰذِهٖ وَكَفَّ اَیْدِیَ النَّاسِ عَنْكُمْ ۚ وَلِتَكُوْنَ اٰیَةً لِّلْمُؤْمِنِیْنَ وَیَهْدِیَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِیْمًا ۟ۙ

Waʻadakumul laahu mag̣aanima kas̤eeratañ taʹkhuẓoonahaa faʻajjala lakum haaẓihee wa-kaffa ʹaydiyan naasi ʻañkum; wa-litakoona ʹAayatal lil-Muʹmineena wa-yahdiyakum Ṣiraaṭam Mustaq̣eemaa;

الله اوھان کي گھڻن غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي جن کي ھٿ آڻيندؤ پوءِ ھيُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين، ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن لاءِ ھڪ نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري.

Verse 48:21

وَّاُخْرٰی لَمْ تَقْدِرُوْا عَلَیْهَا قَدْ اَحَاطَ اللّٰهُ بِهَا ؕ وَكَانَ اللّٰهُ عَلٰی كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرًا ۟

Wa-ʹukhraa lam taq̣diroo ʻalayhaa q̣ad ʹaḥaaṭal laahu bihaa: wa-kaanal laahu ʻalaa kulli shayʹiñ Q̣adeeraa.

۽ ٻيون (به) جن تي سگھارانه ٿيا آھيو بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.

Verse 48:22

وَلَوْ قٰتَلَكُمُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَوَلَّوُا الْاَدْبَارَ ثُمَّ لَا یَجِدُوْنَ وَلِیًّا وَّلَا نَصِیْرًا ۟

Wa-law q̣aatalakumul laẓeena kafaroo lawallawul ʹadbaara s̤umma laa- yajidoona wa-liyyañwwa laa- naṣeeraa.

۽ جيڪڏھن ڪافر اوھان سان جنگ ڪن ھا ته ضرور پٺيون ڦيرائين ھا وري نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھن ھا.

Verse 48:23

سُنَّةَ اللّٰهِ الَّتِیْ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلُ ۖۚ وَلَنْ تَجِدَ لِسُنَّةِ اللّٰهِ تَبْدِیْلًا ۟

Sunnatal laahil latee q̣ad khalat miñ q̣ablu wa-lañ tajida li-Sunnatil laahi tabdeelaa.

(اھوئي) الله جو قانون آھي جو اڳ ھليو ايندو آھي، ۽ الله جي قانون کي ڪڏھن ڪا ڦير ڦار نه ڏسندين.

Verse 48:24

وَهُوَ الَّذِیْ كَفَّ اَیْدِیَهُمْ عَنْكُمْ وَاَیْدِیَكُمْ عَنْهُمْ بِبَطْنِ مَكَّةَ مِنْ بَعْدِ اَنْ اَظْفَرَكُمْ عَلَیْهِمْ ؕ وَكَانَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِیْرًا ۟

Wa-Huwal laẓee kaffa ʹaydiyahum ʻañkum wa-ʹaydiyakum ʻanhum bibaṭni Makkata mim baʻdi ʹan ʹaz̤̣farakum ʻalayhim. Wa-kaanal laahu bimaa taʻmaloona Baṣeeraa.

۽ (الله) اُھو آھي جنھن ڪافرن جا ھٿ اوھان کان ۽ اوھان جا ھٿ انھن کان جھليا مڪّي جي وچ ۾ اوھان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.

Verse 48:25

هُمُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَصَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَالْهَدْیَ مَعْكُوْفًا اَنْ یَّبْلُغَ مَحِلَّهٗ ؕ وَلَوْلَا رِجَالٌ مُّؤْمِنُوْنَ وَنِسَآءٌ مُّؤْمِنٰتٌ لَّمْ تَعْلَمُوْهُمْ اَنْ تَطَـُٔوْهُمْ فَتُصِیْبَكُمْ مِّنْهُمْ مَّعَرَّةٌ بِغَیْرِ عِلْمٍ ۚ لِیُدْخِلَ اللّٰهُ فِیْ رَحْمَتِهٖ مَنْ یَّشَآءُ ۚ لَوْ تَزَیَّلُوْا لَعَذَّبْنَا الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْهُمْ عَذَابًا اَلِیْمًا ۟

Humul laẓeena kafaroo wa-ṣaddookum ʻanil Masjidil Ḥaraami walhadya maʻkoofan ʹañy yablug̣a maḥillah. Wa-lawlaa rijaalum Muʹminoona wa-nisaaaʹum Muʹminaatul lam taʻlamoohum ʹañ taṭaʹoohum fatuṣeebakum minhum maʻarratum big̣ayri ʻilm, liyudkhilal laahu fee Raḥmatihee mañy yashaaaʹ. Law tazayyaloo laʻaẓẓabnal laẓeena kafaroo minhum ʻaẓaaban ʹaleemaa.

اِھي اُھي آھن جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ۽ قرباني کي به جو پنھنجي جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي، ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نه ھجن ھا جن کي اوھان نه ڄاڻندا آھيو ته (متان) کين لتاڙي ڇڏيو پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (ته ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا)، جنھن کي الله گھري پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا ته ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ڪريون ھا.

Verse 48:26

اِذْ جَعَلَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْحَمِیَّةَ حَمِیَّةَ الْجَاهِلِیَّةِ فَاَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِیْنَتَهٗ عَلٰی رَسُوْلِهٖ وَعَلَی الْمُؤْمِنِیْنَ وَاَلْزَمَهُمْ كَلِمَةَ التَّقْوٰی وَكَانُوْۤا اَحَقَّ بِهَا وَاَهْلَهَا ؕ وَكَانَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمًا ۟۠

ʹIẓ jaʻalal laẓeena kafaroo fee q̣uloobihimul ḥamiyyata Ḥamiyyatal Jaahiliyyati faʹañzalal laahu Sakeenatahoo ʻalaa Rasoolihee wa-ʻalal Muʹmineena wa-ʹalzamahum kalimatat taq̣waa wa-kanooo ʹaḥaq̣q̣a bihaa wa-ʹahlahaa. Wa-kaanal laahu bikulli shayʹin ʻAleemaa.

جڏھن ڪافرن پنھنجن دلين ۾ جاھليت جو جوش پيدا ڪيو تڏھن الله پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو ۽ کين پرھيزگاريءَ جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ (اِھي) ان جا وڌيڪ حقدار ۽ اُن جا جوڳا ھوا، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

Verse 48:27

لَقَدْ صَدَقَ اللّٰهُ رَسُوْلَهُ الرُّءْیَا بِالْحَقِّ ۚ لَتَدْخُلُنَّ الْمَسْجِدَ الْحَرَامَ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ اٰمِنِیْنَ ۙ مُحَلِّقِیْنَ رُءُوْسَكُمْ وَمُقَصِّرِیْنَ ۙ لَا تَخَافُوْنَ ؕ فَعَلِمَ مَا لَمْ تَعْلَمُوْا فَجَعَلَ مِنْ دُوْنِ ذٰلِكَ فَتْحًا قَرِیْبًا ۟

Laq̣ad ṣadaq̣al laahu Rasoolahur ruʹyaa bilḥaq̣q̣: latadkhulunnal Masjidal Ḥaraama ʹiñ shaaaʹal laahu ʹaamineena muḥalliq̣eena ruʹoosakum wa-muq̣aṣṣireena laa takhaafoon. Faʻalima maa- lam taʻlamoo fajaʻala miñ dooni ẓaalika fatḥañ q̣areebaa.

بيشڪ الله پنھنجي پيغمبر کي سچو خواب ڏيکاريو، ته جيڪڏھن الله گھريو آھي ته پنھنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي تعظيم واريءَ مسجد ۾ بي ڀوا ٿي ضرور گھڙندؤ (۽) نه ڊڄندؤ، پوءِ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو الله ڄاتو پوءِ اُن کان اڳ ھڪ ويجھي فتح ڏني.

Verse 48:28

هُوَ الَّذِیْۤ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰی وَدِیْنِ الْحَقِّ لِیُظْهِرَهٗ عَلَی الدِّیْنِ كُلِّهٖ ؕ وَكَفٰی بِاللّٰهِ شَهِیْدًا ۟ؕ

Huwal laẓeee ʹarsala Rasoolahoo bil-Hudaa wa-Deenil Ḥaq̣q̣i liyuz̤̣hirahoo ʻalad deeni kullih: wa-kafaa billaahi Shaheedaa.

(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري، ۽ الله شاھد ڪافي آھي.

Verse 48:29

مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ ؕ وَالَّذِیْنَ مَعَهٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَی الْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیْنَهُمْ تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا یَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا ؗ سِیْمَاهُمْ فِیْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِ ؕ ذٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِی التَّوْرٰىةِ ۛۖۚ وَمَثَلُهُمْ فِی الْاِنْجِیْلِ ۛ۫ۚ كَزَرْعٍ اَخْرَجَ شَطْـَٔهٗ فَاٰزَرَهٗ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوٰی عَلٰی سُوْقِهٖ یُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِیَغِیْظَ بِهِمُ الْكُفَّارَ ؕ وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنْهُمْ مَّغْفِرَةً وَّاَجْرًا عَظِیْمًا ۟۠

Muḥammadur Rasoolul laah: wallaẓeena maʻahooo ʹashiddaaaʹu ʻalal kuffaari ruḥamaaaʹu baynahum taraahum rukkaʻañ sujjadañy yabtag̣oona faḍlam minal laahi wa-Riḍwaanaa. Seemaahum fee wujoohihim min ʹas̤aris sujood. Ẓaalika mas̤aluhum fit Tawraati wa-mas̤aluhum fil ʹIñjeel: kazarʻin ʹakhraja shaṭʹahoo faʹaazarahoo fastag̣laz̤̣a fastawaa ʻalaa sooq̣ihee yuʻjibuz zurraaʻa liyag̣eez̤̣a bihimul kuffaar. Waʻadal laahul laẓeena ʹaamanoo wa-ʻamiluṣ ṣaaliḥaati minhum Mag̣firatañw WaʹAjran ʻaz̤̣eemaa.

مُحمّد الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس سنگتي آھن سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن کين رڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، انھن جي نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اھا سندن وصف توريت ۾ آھي، ۽ سندس وصف اِنجيل ۾ آھي، (اھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن جنھن پنھنجو سَلو ڪڍيو پوءِ اُن کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلھو ٿيو پوءِ پنھنجي سلي تي سڌي بيٺي جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو به آخر اھڙو حال آھي) تانجو مؤمنن جي (ڏسڻ) ڪري ڪافرن کي ڪاوڙائي، جن ايمان آندو ۽ منجھائن چڱا ڪم ڪيا (تن کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي.